سون يڪدم هزارين رپيا چڙهي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ ملڪ ۾ سون اگهه ۾ هڪ ڀيرو وري وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون پنج هزار رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 4 لک 60 هزار 262 رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 4 هزار 887 رپيا واڌ سان 3 لک 94 هزار 6 سئو رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 57 ڊالر اضافي سان چار هزار 379 ڊالر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.