وڏي وزير جي حڪم تي 6 صوبائي کاتن جي سيڪريٽريز کي نوٽيس جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه سان گڏ سنڌ سيڪريٽريٽ جو اڻ اعلانيل دورو ڪيو ۽ سيڪريٽريٽ ۾ جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو.
وڏي وزير جي دوري دوران ڇهن کاتن جا سيڪريٽريز صبح ساڍي نئين وڳي تائين آفيسر ۾ غير حاضر هئا.
بلديات، خوراڪ، ٻيلي، ثقافت، محنت ۽ لائيو اسٽاڪ کاتن جي سيڪريٽريز جي غير حاضري تي وڏي وزير غير حاضر سيڪريٽريز کان پڇاڻو ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ان موقعي تي صوبائي چيف سيڪريٽري غير حاضر سيڪريٽريز کي سبب ڄاڻائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.