اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وفاقي ڪابينا اسلام آباد ۾ رٿيل مڪاني چونڊون ٻيهر ملتوي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو مختصر اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قانون سازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 3 ڊسمبر ۽ 30 ڊسمبر جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري ڏني وئي.
ذريعن موجب، ڪابينا اجلاس ۾ وفاقي راڄڌاني ۾ مڪاني چونڊن بابت نئين قانون سازي تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته اسلام آباد جي چيف ڪميشنر طرفان وفاقي ڪابينا کي بلدياتي چونڊن بابت آگاهي ڏني وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف ڪميشنر جي بريفنگ کانپوءِ وفاقي ڪابينا اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ٻيهر ملتوي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب، ڪابينا اسلام آباد ۾ پنجاب جي طرز تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ واري قانون سازي به منظوري ڏني آهي.
ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن اسلام آباد جي مڪاني چونڊن لاءِ 15 فيبروري جي تاريخ مقرر ڪئي هئي، جڏهن ته 16 کان 19 فيبروري تائين نتيجا مرتب ڪرڻ جو طئي ڪيو ويو هو.
You might also like