” ايران پُرامن مظاهرين تي تشدد ڪيو ته آمريڪا انهن جي بچاءَ لاءِ اڳتي ايندو“، ٽرمپ جي ڌمڪي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن ايران پُرامن مظاهرين تي تشدد ڪيو ته آمريڪا انهن جي بچاءَ لاءِ اڳتي ايندو.
سوشل ٽروٿ اڪائونٽ تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته” جيڪڏهن ايران پُرامن مظاهرين تي تشدد ڪيو يا کين قتل ڪيو ويو ته آمريڪا انهن جي بچاءَ لاءِ ايندو.“
آمريڪي صدر پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ لکيو ته” اسان وڃڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهيون.“
آمريڪي صدر جي ڌمڪي تي ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي صلاحڪار علي لاريجاني چيو آهي ته ايران جي احتجاجي معاملي ۾ آمريڪي مداخلت خطي ۾ افراتفري ڦهلائڻ برابر آهي.
ياد رهي ته ايران ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان مهانگائي ۽ ڪرنسي جي قدر لاٿ خلاف مظاهرا جاري آهن.
گذريل ڏينهن ايراني سيڪيورٽي فورسز سان چڪرين دوران 6 مظاهرين مارجي ويا هئا، جڏهن ته 30 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.