ورلڊ ڪپ کان اڳ سريلنڪا خلاف سيريز سان فائدو ٿيندو: عثمان خان

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو وڪيٽ ڪيپر بيٽر عثمان خان هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن جي نگراني ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽڻ لاءِ پراميد آهي.
بي پي ايل ۾ ڍاڪا ڪيپيٽلز جي نمائندگي ڪندڙ عثمان خان ڪرڪيٽ ويب سائيٽ سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڪوچ مائيڪ هيسن ورلڊ ڪپ کان اڳ اسان کي مڪمل طور تيار ڪيو آهي، ٽيم ورلڊ ڪپ کان اڳ سريلنڪا ۽ آسٽريليا خلاف سيريز کيڏي ڀرپور تياري ڪندي.
هن چيو ته ٽيم جو ڪامبينيشن سٺو آهي، اسان سرينلڪا جي ڪنڊيشن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پرعزم آهيون، مان پهريون ڀيرو سريلنڪا وڃي رهيو آهيان ۽ ورلڊ ڪپ کان اڳ اتان جي وڪيٽن کي سمجهڻ جو اهو بهترين موقعو آهي.
سندس چوڻ هو ته محمد رضوان، بابر اعظم ۽ سرفراز احمد جهڙن سينيئر رانديگرن کان سکندو آهيان ۽ انهن جيان اننگز کي آخر تائين وٺي وڃڻ چاهيان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.