استنبول (ويب ڊيسڪ) استنبول ۾ نئين سال جي پهرئين ڏينهن غزا لاءِ نڪتل ريلي ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي.
احتجاج ڪندڙن کي فلسطين ۽ ترڪي جا جهنڊا کنيل هئا ۽ انهن غزا پٽي ۾ تشدد جي خاتمي جو مطالبو ڪيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب سخت ٿڌ باوجود هزارين ماڻهو روڊن تي نڪتا ۽ چيو ته اسان چُپ نه ويهنداسين، اسان فلسطين کي نه وسارينداسين.
ريلي ۾ 400 کان وڌيڪ سوسل سوسائٽي تنظيمن شرڪت ڪئي، جن مان هڪ جي اڳواڻي ترڪ صدر رجب طيب اردگان جو ننڍو پٽ بلال اردگان ڪري رهيو هو.
ترڪي جي پوليس ذريعن ۽ سرڪاري خابرو ايجنسي موجب مارچ ۾ تقريبن 5 لک ماڻهن شرڪت ڪئي، جتي تقريرون ٿيون ۽ لبنان ڄائي گلوڪار ماهر زين پنهنجو گانو ”فري فلسطين“ ڳايو.
You might also like