صبا قمر جي بولڊ انداز تي واهپيدار وري مٿس تنقيد ڪرڻ لڳا!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا صبا قمر کي نئين ڊرامي ۾ بولڊ انداز تي واهپيدار هڪ ڀيرو ٻيهر تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.
صبا قمر اڄڪلهه ”ڪيس نمبر 9“ ۽ ”پامال“ ۾ پنهنجي مضبوط پرفارمنس سبب خبرن جي زينت بڻيل آهي، جڏهن ته نئين ڊرامي ”معمه“ ۾ سندس ڪردار به ڌيان حاصل ڪري ورتو آهي.
پر ”معمه“ ۾ صبا قمر جي بولڊ انداز تي سوشل ميڊيا واهپيدارن سخت ردعمل ڏنو آهي.
ان کانسواءِ اداڪارا جو هڪ بولڊ فوٽو شوٽ به وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ کيس فٽڊ گائون پاتل آهي.
سوشل ميڊيا واهپيدارن ان کي پاڪستاني ڊرامن جي خانداني مزاج جي خلاف قرار ڏنو، جڏهن ته ڪجهه نشرياتي ادارن ۽ ريگوليٽري اٿارٽي تي سوال اٿاريا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.