بنگلاديشي رانديگر کي ٽيم ۾ کڻڻ تي شاهه رخ خان غدار قرار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتيا جنتا پارٽي جي انتهاپسند اڳواڻ سنگيت سوم اداڪار شاهه رخ خان کي پنهنجي آءِ پي ايل ٽيم ڪلڪتا نائيٽ رائيڊرز لاءِ بنگلاديشي رانديگر خريدڻ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
ڀارتي رياست اتر پرديش جي قانون ساز اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر سنگيت سوم بنگلاديشي فاسٽ بالر مستفيض الرحمان کي ٽيم ۾ کڻڻ تي شاهه رخ خان کي غدار قرار ڏئي ڇڏيو.
هن ميرٺ ۾ هڪ عوامي تقريب دوران چيو ته هڪ پاسي بنگلاديش ۾ اسان جا هندو ماريا پيا وڃن ۽ ٻئي پاسي آءِ پي ايل ۾ انهن جا ڪرڪيٽر خريد ڪيا پيا وڃن.
هن چيو ته غدار شاهه رخ خان مستفيض الرحمان کي 9 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪيو، اهڙن غدارن کي ملڪ ۾ رهڻ جو ڪو حق ناهي.
سندس چوڻ هو ته هن ملڪ جي ماڻهن شاهه رخ خان کي ان مقام تي پهچايو آهي ۽ جيڪڏهن کيس پيسو ملندو آهي ته هن ملڪ مان ملندو آهي ۽ هن ملڪ سان غداري ڪئي آهي.
هن ڌمڪي ڏيندي چيو ته جيڪڏهن مستفيض الرحمان جهڙا رانديگر، جن کي نيلامي دوران خريد ڪيو ويو، اهي ڀارت آيا ته هتان ايئرپورٽ کان ٻاهر نه نڪري سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.