اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ پنهنجي سينيٽر سيف الله ابڙي خلاف آئين جي آرٽيڪل 63 اي تحت ريفرنس سينيٽ چيئرمين کي موڪلي ڇڏيو.
پي ٽي آءِ جي سينيٽ ۾ پارلياماني ليڊر علي ظفر طرفان ريفرنس سينيٽ چيئرمين کي موڪليو ويو آهي، پارٽي پاليسي جي ابتڙ 27هين آئيني ترميم تي ووٽ ڏيڻ تي ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي.
شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ باوجود سيف الله ابڙي ڪو جواب جمع نه ڪرايو، پي ٽي آءِ موجب کيس صفائي جو ڀرپور موقعو فراهم ڪيو ويو.
پي ٽي آءِ چيو آهي ته 63 اي تحت سينيٽر جي نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي لکيو وڃي.
You might also like