سوئٽزرلينڊ جي مشهور سياحتي ماڳ تي نيو ايئر نائيٽ تي ڌماڪو، 40 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

برن (ويب ڊيسڪ) سوئٽزرلينڊ جي لگزري ريزورٽ جي بار ۾ ڌماڪي سبب 40 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب سوئس پوليس جو چوڻ آهي ته ڪرانس مونٽانا جي لگزري ريزورٽ اِسڪي جي هڪ بار ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن کانپوءِ بار ۾ باهه ڀڙڪي پئي.
سوئس پوليس ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا پر مارجي ويلن ۽ زخمين جو انگ ۽ ڌماڪي جي سببن کان آگاهه نه ڪيو ويو.
هوڏانهن عالمي ميڊيا ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ تقريبن 40 ڄڻا مارجي ويا ۽ لڳ ڀڳ 100 ڄڻا زخمي آهن.
سوئس اختيارين موجب واقعي جي متاثرن ۾ ڪجهه پرڏيهي به شامل آهن.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته اربع ۽ خميس جي وچين رات هڪ لڳي 30 منٽن تي سياحت لاءِ مشهور اسڪي ريزورٽ ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي وقت نيو ايئر نائيٽ ملهائيندڙ ماڻهو وڏي انگ ۾ بار ۾ موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.