2025 ڀارت لاءِ بحرانن جو سال ثابت ٿيو: برطانوي اخبار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڀارت بابت برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز جي رپورٽ سامهون آئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت لاءِ 2025 بحرانن جو سال ثابت ٿيو، پاڪ – ڀارت فوجي ڇڪتاڻ، ڪرنسي جي ڪمزوري ۽ معاشي بيچيني سبب ڀارت مسئلن جو شڪار رهيو.
برطانوي اخبار موجب 2025 ۾ پاڪ – ڀارت فوجي ڇڪتاڻ، آمريڪا سان واپاري تڪرار، جهاز حادثي، ڪرنسي جي ڪمزوري ۽ معاشي بيچيني سبب ڀارت مسئلن کي منهن ڏنو.
برطانوي اخبار جي رپورٽ موجب 2025 ۾ آمريڪا ڀارت واپاري معاهدو ڪيترائي ڀيرا معطل ٿيو، آمريڪي ٽيرف سان ڀارت تي اقتصادي بار پيو، جي ايس ٽي سڌارا محدود شعبن تائين رهڻ سان معاشي ترقي ۾ رنڊڪ رهي، 2025 ۾ ڀارتي رپيو ڊالر جي ڀيٽ ۾ ڪِريو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ جو نتيجو واشنگٽن جي پاليسي ۾ واضح تبديلي جي صورت ۾ سامهون آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.