ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي صوبائي ۽ وفاقي سياسي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته ڪنهن به آئيني ترميم ذريعي قومي وحدتن کي ٽوڙي نون صوبن جي تياري فيڊريشن جي تصور جي خلاف سازش آهي، 26هين ۽ 27هين آئيني ترميم کي حقِ حاڪميت، اظهار جي آزادي، پارلياماني بالادستي، عدليا جي آزادي ۽ وسيلن جي مالڪي تي ڌاڙو سمجهون ٿا، ملڪ اندر سياسي سرگرمين تان پابندي ختم ڪري عمران خان سميت سمورن سياسي مخالفن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ جيلن ۾ بند ڪري خوف جي فضا ختم ڪري ماھ رنگ بلوچ، علي وزير، ياسمين راشد ۽ مورو واقعي ۾ گرفتار بيگناھ سياسي قيدين عبدالصمد ڀٽي ۽ ان سان گڏ 52 بيگناھ ڪارڪنن سميت سڄي ملڪ مان گرفتار سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ملڪ اندر سياسي، جلسا، جلوس ڪرڻ جي پابندي هٽائي وڃي. سنڌ مان جبري طور کنڀي گم ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن توڙي گرفتار ٿيل بيگناھ عام شهرين کي آزاد ڪري بنيادي انساني حقن جون ڀڃڪڙيون روڪيون وڃن. اهي مطالبا ڪالهه شام جو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان ڪراچي پريس ڪلب ۾ گهرايل قومي ڪانفرنس ۾ ڪيا ويا. ان موقعي تي ايس يو پي جي چيئرمين سيد زين شاه تقرير ڪندي چيو ته اسان جي ادارن جي تربيت ۾ شايد اهو شامل نه آهي ته آئين، ڪورٽ ۽ پارليامينٽ جو ڪو احترام ڪن، ملڪ ۾ سول مارشل لا آهي، سنڌ جي صوبائي حڪومت نااهل آهي، سنڌ جو سمنڊ، زمينون وڪرو ڪيون ويون آهن، ملڪ ۾ وفاق طرفان آئين جو سودو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ هڪ تاريخي وطن آهي، وطن سان محبت بعد ئي فيڊريشن جو خيال ڪري سگهجي ٿو، 26۽ 27 ترميم انصاف ۽ عدل جو قتل آهي، جيڪڏهن وطن جو مسئلو سامهون آيو ته سر ڌڙ جي بازي لڳائي ويندي، جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته افسوس ته 73 جو آئين ڏيندڙ جا وارث آئين جا بنياد ختم ڪرڻ جي عمل ۾ ملوث آهن، سنڌ جي حفاظت لاءِ سنڌ جي هر قسم جي سياسي پارٽي جو ڪارڪن قوم پرست آهي، سنڌ وطن آهي پاڪستان بعد ۾ وجود ۾ آيو آهي، پي ٽي آئي جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته اسان سڀ سنڌ جي دشمنن کي سڃاڻون ٿا، جن 26،27 ترميم تي صحيحون ڪيون، پي ٽي آئي جي صدر سنڌو درياهه جي وڪري جي ڪاغذ تي صحي نه ڪئي هئي، عمران خان کان وٺي قومي صوبائي اسيمبلين ۾ ويٺل سمورا ميمبر سنڌ جي مسئلن تي سنڌ سان گڏ آهن، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ رياض چانڊيو چيو ته پنجاب سنڌ جو هر قسم جو استحصال ڪري رهيو آهي، سنڌ کي ڪالوني بڻايو ويو آهي، پر سنڌ ان خلاف مزاحمت جو رستو بند نه ڪندي، ان موقعي تي اقبال ترين ،سردار رحيم ،اعجاز ترڪ سيد ظفر علي شاهه ۽ ٻين تقرير ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي معدنيات کان وٺي سنڌ جي درياءُ، سمنڊ ۽ زمينن جو وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ ڪرپشن وسيلي عام سنڌي عوام کي تعليم، روزگار، امن امان ۽ صحت جي حقن کان محروم رکيو آهي. ڪانفرنس ۾ ٺهراءُ پاس ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ اندر 144 قلم ذريعي سياسي مخالفن جي رستا روڪ ختم ڪئي وڃي، جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ خان جتوئي، مسرور خان جتوئي، سندن ساٿين ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد زين شاھ ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن رياض چانڊيو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سيد مسرور شاھ، نواز زنئور، نور نبي راهوجو، تاج مري، روشن ٻرڙو، ڊاڪٽر بدر چنا، ايڊووڪيٽ حسيب پنھور سميت مختلف اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان داخل ٿيل ڪوڙيون ايف آئي آر رد ڪيون وڃن. سنڌو درياهه ۽ لاڳاپيل سڀني درياهن جي پاڻي جي ورڇ 1991 واري پاڻي معاهدي مطابق ڪئي وڃي. انڊس رور سسٽم مان نوان ڪينال، نوان ڊيم ۽ اهڙا سڀ منصوبا جيڪي سنڌ جي پاڻي کي متاثر ڪن ٿا، مڪمل طور رد ڪيا وڃن. انڊس ڊيلٽا جي بقا کي قومي ۽ عالمي ذميواري قرار ڏنو وڃي. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ فوري طور شاگرد يونين بحال ڪري باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي. اتر سنڌ ۾ قبائلي خوني تڪرارن جو خاتمو آندو وڃي، ڏوهارين کي گرفتار ڪيو وڃي، قانون جي بالادستي قائم ڪئي وڃي ۽ سرداري نظام ختم ڪيو وڃي. پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ بند ڪئي وڃي، رشوت ۽ سفارش وسيلي ڀرتيون ختم ڪيون وڃن، اهل ۽ ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن، سياسي مداخلت بند ڪئي وڃي ۽ امتحانن ۾ نون صوبن بابت سوال نامن جو ڊرامو بند ڪيو وڃي. سنڌ ۾ بدامني، بيروزگاري، غربت، منشيات، ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني جي ذميوار پيپلزپارٽي جي سنڌ سرڪار آهي، جيڪا گذريل 18 سالن کان سنڌ جا وسيلا، زمينون، ڪارونجهر، درياهه ۽ ٻيٽ نيلام ڪندي رهي آهي. جعلي اليڪشنن ذريعي سنڌ مٿان مسلط ڪيل حڪمرانن کي هٽائي احتساب ڪيو وڃي.ڪارونجهر سميت ورلڊ هيريٽيج جي حيثيت رکندڙ جبلن جي ڪٽائي روڪي وڃي، مستقل قانون سازي ڪئي وڃي ۽ گورک هل تي قبضو ختم ڪري مقامي ماڻهن جا وسيلا بحال ڪيا وڃن. اين ايف سي ايوارڊ جي آئيني تحفظ کي ختم يا ڪمزور ڪرڻ جي هر ڪوشش ختم ڪئي وڃي. اين ايف سي ايوارڊ صوبن جو آئيني حق آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي ناقابلِ قبول آهي. ڪراچي سنڌ جي دل آهي ۽ پاڪستان جو معاشي مرڪز آهي، پر ڏهاڪن کان بدترين انتظامي نااهلي، اداراتي تڪرار، بدنظمي ۽ غلط منصوبابندي سبب شهر کي تباهيءَ ڏانهن ڌڪيو ويو آهي. پاڻي، نيڪال، ٽرانسپورٽ، روڊن، ڪچري، رهائش ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ شهر کي انساني الميي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. قومي ڪانفرنس مطالبو ڪري ٿي ته ڪراچي جي بنيادي ڍانچي جي فوري بحالي، شفاف منصوبابندي ۽ جامع بحالي پروگرام شروع ڪيو وڃي.