اسلام آباد ۾ عورتن کي هراسان ڪندڙ چيني شهري معافي گهري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي سيڪٽر ايف – 10 مرڪز ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ جي معاملي تي چيني شهري متاثر عورتن ۽ عوام کان معافي گهري ورتي.
چيني شهري چيو ته مون کي پاڪستان آئي ڪجهه ڏينهن ٿيا آهن ۽ اتان جي مقامي رسمن ۽ رواجن کان واقف ناهيان.
هن اعتراف ڪيو ته مان عورتن کي سگريٽ جي آڇ ڪئي، جيڪا غير مناسب هئي ۽ غلط قدم هو، جنهن تي معافي گهران ٿو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ هڪ چيني شهري ڪجهه عورتن کي عوامي هنڌ تي سگريٽ پيش ڪيو هو.
واقعي تي واهپيدارن سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پرڏيهي شهرين کي پاڪستان جي ڪلچر ۽ قانونن جو احترام ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.