جهنگ (ويب ڊيسڪ) جهنگ ۾ يونيورسٽي جي بس ۽ وين ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا فوت ۽ 26 زخمي ٿي پيا.
حادثو فيصل آباد روڊ تي ڪلي فقير ڀرسان پيش آيو، جتي برسات ۽ خراب موسم سبب اوورٽيڪ ڪندي وٽرنري اينڊ اينيمل سائنسز يونيورسٽي جي بس سامهون ايندڙ وين سان ٽڪرائجي وئي.
بس شاگردن کي اسپورٽس گالا ۾ شرڪت لاءِ کڻي وڃي رهي هئي، حادثي کانپوءِ ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال جهنگ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، زخمين مان 10 جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.
You might also like