برسبين (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ڊيمن مارٽن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ برسبين جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، 2003 واري عالمي ڪپ فاتح آسٽريلوي ٽيم جي رڪن ڊيمن مارٽن کي گڙدن ٽوڙ بخار ٿيو ۽ هو هن وقت ڪوما جي حالت ۾ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، 54 ورهين جي ڊيمن مارٽن ڪرسمس ڊي جي موقعي تي سخت بيمار هئڻ سبب ڪِري پيو هو، ڪرڪيٽ آسٽريليا ۽ ڪينگرو ڪرڪيٽرن ڊيمن مارٽن جي اوچتو بيماري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سي اي او ٽوڊ گرين برگ چيو ته ڊيمن مارٽن جي بيماري جو ٻڌي افسوس ٿيو.
اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ايڊم گلڪرسٽ چيو ته برسبين جي اسپتال ۾ ڊيمن مارٽن جو بهترين علاج جاري آهي.
ياد رهي ته ڊيمن مارٽن 67 ٽيسٽ، 208 ون ڊي ۽ 4 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي آهي.