ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بس سروس جو افتتاح، روٽ ڪهڙو ۽ ڀاڙو ڪيترو اٿس؟ ڄاڻيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ ۽ مڪاني کاتن جي وزير ناصر حسين شاهه ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بس سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
ان موقعي تي اختيارين بسن جي خاصيتن بابت بريفنگ به ڏني، شرجيل ميمڻ چيو ته اسان عوام سان ڊبل ڊيڪر بسن جو واعدو ڪيو هو، اهڙا پراجيڪٽ آڻي رهيا آهيون، جنهن سان وڌ کان وڌ ماڻهن کي فائدو ٿئي.
هن ٻڌايو ته ڊبل ڊيڪر جو روٽ 22 ڪلو ميٽرن تي ٻڌل آهي ۽ ان جو ڀاڙو 80 کان 120 رپين تائين هوندو، شروعاتي طور اها بس ملير کان شاهراهه فيصل تائين هلائي ويندي، ڪوشش آهي ته سڀني روڊن تي ڊبل ڊيڪر بسون نظر اچن.
سندس چوڻ هو ته ڀاڙن ۾ سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، روز جي بنياد تي عوام لاءِ سهولتون وڌائي رهيا آهيون، ڪوشش آهي ته نئين سال ۾ سڄي صوبي ۾ ٽرانسپورٽ جون سهولتون ڏنيون وڃن.
شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز بس سروس ذريعي روز سوا لک ماڻهو سفر ڪري رهيا آهن، جڏهن ته گرين لائن بس سروس تي 65 هزار ماڻهو سفر ڪري رهيا آهن، ريڊ لائن، بي آر ٽي تي ٻيهر ڪم شروع ٿي ويو آهي.
سينيئر وزير چيو ته ڪراچي جي روڊن لاءِ سمورا ماڻهو گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، صعنتي علائقن لاءِ 9 ارب رپين جي بجيٽ رکي وئي آهي، جڏهن ته شاهراهه ڀٽو اسٽيٽ آف دي آرٽ جو تحفو عوام کي ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.