هٿن جي آڱرين جي تصديق وارو جهنجهٽ ئي ختم، نادرا وڏو ڪم ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نادرا چهري جي سڃاڻپ تي ٻڌل بايوميٽرڪ تصديق واري سهولت جي شروعات ڪري ڇڏي، جنهن ذريعي بزرگ يا طبي مسئلن سبب شهرين کي فنگر پرنٽس جي تصديق ۾ پيش ايندڙ ڏکيائين وارو مسئلو ختم ٿي ويندو.
نادرا پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم ۽ گهرو وزير جي هدايتن تي نادرا ڪيئي قدم کنيا آهن ۽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي قانونن ۾ ترميم ڪري بايوميٽرڪ جي تعريف وسيع ڪئي وئي آهي.
پڌرائي موجب، چهري جي سڃاڻپ تي ٻڌل بايوميٽرڪ تصديق واري سهولت شروع ڪئي وئي آهي ۽ پاڪ آءِ موبائل ايپ تي به چهري جي نشاندهي ذريعي بايوميٽرڪ تصديق جي سهولت مهيا ڪئي وئي آهي.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 20 جنوري کان نادرا مرڪزن ۾ چهري جي سڃاڻپ تي ٻڌل بايوميٽرڪ تصديقي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويندو.
نادرا جو چوڻ آهي ته شهري ضرورت پوڻ تي معمولي فيس عيوض سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهندا، جيڪڏهن فنگر پرنٽس جي تصديق نه ٿي، ته شهري ويجهي نادرا رجسٽريشن سينٽر ويندا، جتي چهري جي نشاندهي وارو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نادرا هڪ سرٽيفڪيٽ جاري ڪندو، جنهن تي تصوير، سڃاڻپ ڪارڊ نمبر، نالو، ولديت، منفرد ٽريڪنگ آءِ ڊي ۽ QR ڪوڊ هوندو، سرٽيفڪيٽ 7 ڏينهن تائين استعمال جوڳو هوندو.
پڌرائي موجب، نادرا اهو سسٽم لاڳو ڪرائڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي ۽ لاڳاپيل سرڪاري ۽ خانگي ادارن کان ضروري قدم کڻڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 20 جنوري کان پوءِ هن سهولت جي موجودگيءَ بابت شڪايت ٿيڻ تي لاڳاپيل ادارو يا کاتي کي شڪايت ڪريو، جڏهن ته ڊجيٽل آءِ ڊي جاري ٿيڻ کانپوءِ اها سهولت پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ تي به موجود هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.