پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ باوجود ڍاڪا ۾ جَئه شنڪر جي اياز صادق سان ملاقات، هٿ به ملايو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ باوجود ڀارتي پرڏيهي وزير جَئه شنڪر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻس هٿ به ملايو، جنهن کي سياسي حلقن ۾ هڪ حيران ڪندڙ اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير جئه شنڪر وچ ۾ ملاقات ڍاڪا ۾ ٿي، جتي ٻئي اڳواڻ بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ جي جنازي ۾ شرڪت لاءِ موجود هئا.
ذريعن موجب، ڀارتي پرڏيهي وزير جَئه شنڪر پاڻ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق وٽ هلي آيو ۽ ٻنهي وچ ۾ خوشگوار جملن جي ڏي وٺ به ٿي.
سردار اياز صادق ۽ جئه شنڪر وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات هلندڙ سال مئي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيل جنگ کانپوءِ پهرين اعليٰ سطحي ملاقات آهي.
ياد رهي ته مئي ۾ ٿيل پاڪ-ڀارت جنگ کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ سخت ڇڪتاڻ موجود آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ هر قسم جا سياسي ۽ سفارتي رابطا به معطل آهن.
دلچسپ ڳالهه اِها آهي مئي واري جنگ کانپوءِ ڀارت پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن کي پاڪستاني ڪرڪيٽرن سان هٿ ملائڻ کان به روڪي ڇڏيو هو، جڏهن ته ٻين راندين ۾ ٻنهي ٽيمن جا رانديگر هٿ ملائيندا رهيا.
ڀارتي پرڏيهي وزير جئه شنڪر گذريل سال پاڪستان ۾ ٿيل شنگھائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي، جنهن دوران هن پاڪستاني پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.