ڪراچيءَ جي موسم بابت اهم اپڊيٽ جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ برساتن جو سلسلو ختم ٿي ويو آهي ۽ پنج جنوري کان ٿڌ وڌي سنگل ڊجيٽ ۾ اچڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر موجب، 29 ڊسمبر کان اولهندي هوائن جو سلسلو ملڪ کي متاثر ڪري رهيو آهي، جنهن سبب ڪالهه رات ڪراچي ۾ هلڪي برسات پڻ ٿي.
هن ٻڌايو ته گذريل رات سڀ کان وڌيڪ برسات ڪياماڙي ۾ ڇهه ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.
ڊپٽي ڊائريڪٽر موجب، ڪراچيءَ ۾ برسات جو سلسلو هاڻي ختم ٿي ويو آهي، پر ڪجهه هنڌن تي بونداباندي جو امڪان آهي.
هن وڌيڪ چيو ته چار يا پنج جنوريءَ کان اتر جون هوائون گُلهڻ سان ڪراچي ۾ ٿڌ وڌڻ جو امڪان آهي ۽ گرمي پد سنگل ڊجيٽ ۾ اچي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.