نئين سال جي موقعي تي ڪنهن فائرنگ ڪئي ته… ڪراچي پوليس چيف خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ جيان سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ به نئين سال جي شروعات تي آتشبازي ۽ هوائي فائرنگ جي روڪٿام لاءِ سخت قدم کنيا ويا آهن.
ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪراچي پوليس چيف ايڊيشنل آءِ جي جاويد عالم اوڍو چيو ته ڪراچي ۾ نئين سال جي موقعي تي 6 هزار پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن ۽ شهر جو ڪو به رستو بند نه ڪيو ويندو، پر ٽريفڪ مئنيجمينٽ ڪئي ويندي.
هن چيو ته ماضي ۾ ڪراچي ۾ رستا بند ڪيا ويندا هئا، پر هاڻ سنڌ حڪومت جي پاليسي تحت ٽريفڪ جي روانگي برقرار رکي ويندي ۽ ڪو به رستو بند نه ڪيو ويندو، جڏهن ته مختلف هنڌن تي ٽريفڪ مئنيجمينٽ ڪئي ويندي.
هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ماضي ۾ فائرنگ سبب شهرين جي زخمي ٿيڻ ۽ جاني نقصان جا واقعا ٿيندا رهيا آهن، پر هن ڀيري سڀ وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن، شهرين کان اپيل آهي ته فائرنگ کان پاسو ڪن، نئين سال تي هوائي فائرنگ ۾ ملوث ماڻهن کي سيف سٽي ڪيمرائن ذريعي نشاندهي ڪري پڪڙيو ويندو ۽ سندن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي ويندي.
ڪراچي پوليس چيف شهرين کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن فائرنگ ڪئي ۽ ان سبب ڪو جاني نقصان ٿيو ته ان جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، ايف آءِ آر داخل ٿيڻ جي صورت ۾ خاص طور تي ننڍي عمر وارن ڇوڪرن جو مستقبل اونداهون ٿي وڃي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته پاسپورٽ، ويزا حاصل ڪرڻ ۽ مختلف نوڪرين لاءِ پوليس ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ لازمي هوندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن خلاف ڪيس داخل ٿي وڃي ته اهو سرٽيفڪيٽ ناهي ملندو ، اهڙي صورتحال ۾سندس مستقبل اونداهو ٿي وڃي ٿو
ٻئي پاسي حيدرآباد ڊويزن جي هڙني ضلعن ۾ به قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.
ڊويزنل ڪمشنر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، نئين سال جي رات هوائي فائرنگ ۽ آتشبازي تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ شهرين کي امن امان برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.