پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف سان ڳالهيون ٿيون به ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي بابت ڪا به ڳالهه نه ٿيندي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته وفاقي حڪومت جو پي ٽي آءِ سان ڳالهين بابت پيپلز پارٽي سان اڃا رابطو نه ٿيو آهي، جيڪڏهن رابطو ٿئي ها ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ڪو بيان ڏئي ها
هن چيو ته پي ٽي آءِ تي ڀروسو نٿو ڪري سگهجي، ماضي ۾ به پي ٽي آءِ ڳالهين واري عمل کي متاثر ڪيو، جيڪڏهن ڳالهيون ٿيون ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي وارو معاملو ڳالهين جو حصو نه هوندو، پي ٽي آءِ باني پنهنجي سزا ڀوڳيندو ۽ کس ڪو به اين آر او نه ملندو.
You might also like