بنگلاديش جي پهرين عورت وزيراعظم خالده ضياءَ جي جنازي نماز ادا، هزارين ماڻهن جي شرڪت

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي پهرين عورت وزيراعظم خالده ضياءَ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.
خالده ضياءَ جي جنازي نماز ڍاڪا ۾ بنگلاديش جي پارليامينٽ هائوس سامهون ميا مانڪ ايونيو ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي اڳواڻن سميت هر مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
بنگلاديش جي چيف ايڊوائزر ڊاڪٽر محمد يونس به جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته پاڪستان حڪومت جي نمائندگي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي اياز صادق پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جي طرفان خالده ضياءَ جي پونئرن سان تعزيت ڪندو.
جنازي نماز کانپوءِ خالده ضياءَ کي سندس مڙس ۽ بنگلاديش جي اڳوڻي صدر ضياءُ الرحمان جي ڀرسان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ياد رهي ته ٻه ڀيرا بنگلاديش جي وزيراعظم رهندڙ خالده ضياءَ ٻه ڏينهن اڳ ڍاڪا جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي۔ خالده ضياءَ 1991 کان 1996 ۽ پوءِ 2001 کان 2006 تائين بنگلاديش جي وزيراعظم رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.