بنگلا ديش جي پهرين عورت وزيراعظم خالده ضيا جو لاڏاڻو

بنگلاديش جي پهرين خاتون وزيراعظم بيگم خالده ضيا 80 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي۔ هو گهڻي وقت کان عليل هئي۔ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي سوشل ميڊيا سائيٽ ”فيس بڪ“ تي لکيو ته ”اسان جي پيارِي ليڊر هاڻي اسان ۾ ناهي رهي۔ هو صبح ڇهن وڳي اسان کي ڇڏيو وئي۔ “ سومر ڏينهن سندن ڊاڪٽرن جي ٽيم چيو هو ته خالده ضيا جي حالت ”انتهائي تشويشناڪ“ آهي ۽ سندن طبيعت تيزي سان خراب ٿي رهي آهي۔ خالده ضيا گذريل ڪيتري ئي وقت کان بيمار هئي ۽ هو ڍاڪا جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي۔ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي سوشل ميڊيا پليٽفارم ”ايڪس“ تي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته ”بي اين پي جي چيئرپرسن ۽ بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم صبح ڇهين وڳي نماز فجر کان ڪجهه دير پوءِ لاڏاڻو ڪري وئي آهي۔ “

پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف خالده ضيا جي وفات تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ”بيگم ضيا پاڪستان جي دوست هئي۔ “ شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان جي حڪومت هن ڏکئي گهڙي ۾ بنگلاديش جي عوام سان گڏ آهي۔ بيگم خالده ضيا گذريل چاليهه ورهين کان بنگلاديش جي سياست ۾ سرگرم رهي آهي۔ هن پنهنجي مڙس ضياءالرحمان جي قتل کان پوءِ پارٽي جي قيادت سنڀالي۔ هو 1991ع ۾ بنگلاديش ۾ 20 سالن کانپوءِ ٿيل چونڊن ۾ ڪاميابي کان پوءِ ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم بڻجي۔ ٻه ڀيرا ملڪ جي وزيراعظم رهندڙ سياسي اڳواڻ خالده ضيا تي بدعنواني جا الزام لڳندا رهيا ۽ هو سياسي حريف جماعت عوامي ليگ سان تڪرارن جو شڪار رهي۔ بيگم خالده ضيا بنگلاديش جي سياست ۾ هڪ ئي پارٽي بدران مختلف پارٽين جي موجودگي جي حامي هئي۔ ان کان اڳ 25 ڊسمبر تي سندس پٽ طارق الرحمان 17 سالن کانپوءِ لنڊن کان ڌاڪا واپس آيو هو ۽ سندس اچڻ کان پنج ڏينهن پوءِ سندس عليل والده لاڏاڻو ڪري وئي۔

هن وقت بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي ملڪ جي وڏي سياسي پارٽي آهي۔ طارق رحمان وطن واپسي تي هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي ملڪ ۾ ”جمهوري ۽ معاشي حقن جي بحالي“ جو واعدو ڪيو هو۔ شيخ حسينه جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ بيگم خالده ضيا جيل ۾ رهي ۽ سندس پٽ طارق الرحمان تي به مختلف ڪيس هئا، پر سندس حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ عبوري حڪومت خالده ضيا ۽ سندس پٽ تي ڪيس ختم ڪيا۔ بنگلاديش ۾ هاڻي 12 فيبروري تي عام چونڊون ٿي رهيون آهن ۽ شيخ حسينه جي جماعت عوامي ليگ تي چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي پابندي آهي۔ اهڙي صورتحال ۾ عوامي ليگ جي غيرموجودگي ۾ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي ملڪ جي اهم سياسي جماعت آهي۔

بنگلاديشي ميڊيا موجب ملڪ ۾ موجوده عدم استحڪام، عدم برداشت ۽ ڀارت سان خراب لاڳاپن سبب هي چونڊون خالده ضيا جي پٽ ۽ سياسي جانشين طارق الرحمان لاءِ آسان نه هونديون۔ خالده ضيا جي شادي 1960ع ۾ پاڪستاني فوجي آفيسر ضياءالرحمان سان 15 سالن جي عمر ۾ ٿي هئي۔ ان وقت ضياءالرحمان ڪپتان هئا۔ پر 1971ع ۾ هو مشرقي پاڪستان ۾ ٿيندڙ بغاوت جو حصو بڻيا۔

بيگم خالده ضيا جا مڙس جنرل ضياءالرحمان کانپوءِ ۾ بنگلاديش جا صدر بڻيا ۽ 1981ع ۾ هڪ حملي ۾ قتل ٿي ويا۔ 36 سالن جي عمر ۾ مڙس جي قتل کان پوءِ خالده ضيا سياست ۾ قدم رکيو۔

هو 1991ع ۾ بنگلاديش جي پهرين عورت وزيراعظم چونڊي ويئي۔ پوءِ 2001ع ۾ ٻيهر ڪاميابي کان پوءِ 2006 تائين ٻيهر وزيراعظم رهي۔ ان کان پوءِ ٿيندڙ ٽن عام چونڊن جو سندس پارٽي بائيڪاٽ ڪيو۔ سن 2024ع ۾ شيخ حسينه خلاف شروع ٿيندڙ تحريڪ کي به خالده ضيا جي حمايت حاصل هئي۔ آگسٽ 1975ع ۾ بنگلاديش جي آزادي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ پهرين وزيراعظم شيخ مجيب الرحمان کي خاندان سميت قتل ڪيو ويو، جيڪو ڀارت   بنگلاديش لاڳاپن ۾ اهم موڙ هو۔ ان کان پوءِ بنگلاديش ۾ فوجي حڪومت شروع ٿي، جنهن ۾ ضياءالرحمان اهم ڪردار ادا ڪيو۔ هن 1976 کان 1981 تائين ملڪ جي قيادت ڪئي، پوءِ کيس به هڪ فوجي آفيسر قتل ڪيو۔ کانپوءِ ۾ 1982 کان 1990 تائين حسين محمد ارشاد ملڪ هلائيندو رهيو۔

بيگم خالده ضيا جي اقتدار دوران ڀارت سان لاڳاپا گهڻا سٺا نه رهيا، پر سندس علالت دوران ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي هن جي مدد جي آڇ ڪئي۔ خالده ضيا جي پارٽي عوامي ليگ جي ڀارت ۾ ويجهڙائي تي تنقيد ڪندي رهي۔ 2015ع ۾ نريندر مودي بنگلاديش دوري دوران بيگم خالده ضيا سان ملاقات به ڪئي، جيڪا هڪ غيرمعمولي ملاقات سمجهي وئي، ڇو ته ان وقت ٻنهي ملڪن وچ ۾ سرحدي معاهدو طئي پئي ٿيو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.