ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار عامر خان کي پنهنجي ٽي وي شو ”ستيه مي وجيتي“ دوران موتمار ڌمڪيون مليون هيون.
اهو انڪشاف سندس ڀاڻيجي اداڪار عمران خان هڪ شو دوران ڪيو آهي.
عمران خان شو دوران ڳالهائيندي چيو ته ”ستيه مي وجيتي“ جي هڪ قسط ۾ جڏهن عامر خان ٻارڙين جي قتل جهڙي حساس موضوع تي ڳالهايو ته ڪجهه ڌريون ناراض ٿي ويون، ان ئي قسط کانپوءِ کيس موتمار ڌمڪيون ملڻ لڳيون.
هن چيو ته مان عامر خان کي چڱي ريت سڃاڻان ٿو، مون کي مٿس اعتماد آهي ته هو جيڪو بهڪم ڪندو آهي سچائي سان ڪندو آهي، گهڻي عرصي کان منهنجي ماني کي ملڪ ڇڏرائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن.
واضح رهي ته عامر خان جو سماجي مسئلن تي ٻڌل ٽاڪ شو ”ستيه مي وجيتي“ 2012 کان 2014 تائين نشر ٿيو، جنهن ۾ 25 قسطون پيش ڪيون ويون.
ان پروگرام ۾ عامر خان مختلف سماجي مسئلن تي متاثرن، سماجي ڪارڪنن ۽ ماهرن سان گفتگو ڪئي.
You might also like