انگلينڊ جو سريلنڪا خلاف وائيٽ بال سيريز ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊز جو اعلان، بروڪ ڪپتان

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ايندڙ مهيني سريلنڪا خلاف وائيٽ بال سيريز ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجو اسڪواڊ اعلان ڪري ڇڏيو.
انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۽ سريلنڪا خلاف ٽن ون ڊي ۽ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ ٽيمز جو اعلان ڪيو.
ايندڙ سال فيبروري ۽ مارچ ۾ ڀارت ۽ سريلنڪا جي ميزباني هيٺ شروع ٿيندڙ ميگا ايونٽ لاءِ انگلش ٽيم شروعاتي اسڪواڊ نامزد ڪري ورتي آهي.
فاسٽ بالر جوش ٽنگ کي پهريون ڀيرو انگلينڊ جي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوفرا آرچر شروعاتي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو حصو آهي، پر هو سريلنڪا جو دورو ڪندڙ ٽيم ۾ شامل نه هوندو.
انگلش ٽيم 18 جنوري 2026 تي سريلنڪا لاءِ رواني ٿيندي.
سريلنڪا خلاف سيريز لاءِ اعلانيل اسڪواڊ ۾ هيري بروڪ (ڪپتان)، جوز بٽلر، ريحان احمد، جوفرا آرچر، ٽام بينٽن، جيڪب بيٿل، برائيڊن ڪارس، سيم ڪرن، ليان ڊاسن، بين ڊڪٽ، جيڪسن، جيمي اوورٽن، عادل رشيد، فل سالٽ، جوش ٽنگ ۽ ليوڪ ووڊ شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.