والدين طرفان مرضي جي خلاف شادي جو دٻاءُ، ڀارتي اداڪارا زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

بئنگلورو (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڀارتي فلم انڊسٽري جي اداڪارا نندني والدين طرفان مرضيءَ جي خلاف شاديءَ لاءِ دٻاءُ وجهڻ تي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، تامل ۽ ڪنڙا فلم انڊسٽريءَ جي اداڪارا نندني سي ايم بئنگلورو ۾ پنهنجي گهر ۾ آپگهات ڪيو ۽ مرڻ کان اڳ هن هڪ نوٽ پڻ ڇڏيو.
اداڪارا والدين لاءِ لکت ۾ ڇڏيل نوٽ ۾ ڄاڻايو ته ”هوءَ شادي لاءِ دٻاءُ جو شڪار هئي ۽ ذهني طور ان لاءِ تيار نه هئي، جڏهن ته ٻين مسئلن سبب هوءَ ڊپريشن جو به شڪار هئي.“
ميڊيا رپورٽن موجب، في الحال نندني جي موت جي اصل ڪارڻ بابت ڪو به باضابطا بيان جاري ناهي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ تفصيل جاري ڪيا ويندا.
ميڊيا رپورٽن موجب، نندني پنهنجي نوٽ ۾ لکيو ته ”والدين مون کي پسند جي خلاف شادي تي مجبور ڪري رهيا هئا، مان جذباتي طور دٻاءُ ۾ هيس.“
ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ عجيب اتفاق اهو آهي ته نندي تازو ئي تامل سيريل”گوري“ ۾ نظر آئي هئي، جنهن ۾ سندس ڪردار کي زهر پيندي ڏيکاريو ويو هو، جنهن کانپوءِ ان منظر سوشل ميڊيا تي نئين بحث کي جنم ڏنو.
پر اختيارين ان سين کي سندس موت واري صورتحال سان جوڙڻ کان انڪار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.