گمڀير جا ڏينهن پورا، بي سي سي آءِ وڏو قدم کڻي ورتو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) گوتم گمڀير کي ٽيسٽ ٽيم جي ڪوچنگ تان هٽائڻ جي رٿابندي شروع ڪري ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ڀارتي ٽيم جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڪاڪردگي تسلي بخش نه هئڻ سبب ڪوچ کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير کان ٽيسٽ ٽيم جي ڪوچنگ واپس ورتي ويندي ۽ بي سي سي آءِ ڊگهي فارميٽ جي ڪوچنگ لاءِ وي وي ايس لڪشمڻ سان رابطو ڪيو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وي وي ايس لڪشمڻ کي ريڊ بال ٽيم جي ڪوچنگ ملڻ جو امڪان آهي.
ٻئي پاسي، بي سي سي آءِ جي نائب صدر راجيو شڪلا جو چوڻ آهي ته گوتم گمڀير بابت رڳو افواهه آهن، بي سي سي آءِ ۾ ڪوچ کي هٽائڻ بابت ڪا به ڳالهه ناهي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن ٻئي کي ڪوچ مقرر ڪرڻ بابت خبرون رڳو افواهه آهن جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي سچائي ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.