ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ٻئي ڏينهن به هزارين رپين جي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ ملڪ ۾ في تولو سون 10 هزار 700 رپيا سستو ٿيڻ بعد 4 لک 59 هزار 462 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته ڏهه گرام سون 9 هزار 174 رپيا سستو ٿيڻ بعد 3 لک 93 هزار 914 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 107 ڊالر گهٽتائي سان 4371 ڊالر آهي.
You might also like