يمن معاملي تي سعودي ۽ اماراتي حڪمران آمهون سامهون، هڪٻئي تي سنگين الزام

ابوظبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن يمن بابت سعودي عرب جي بيان تي مايوسي جو اظهار ڪندي سمورا الزام رد ڪري ڇڏيا آهن.
سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن کان گهر ڪئي هئي ته يمني حڪومت جي مطالبي موجب 24 ڪلاڪن اندر پنهنجي فوج يمن مان واپس گهرائي ۽ ڪنهن به ڌر کي عسڪري يا مالي مدد وارو عمل فوري طور بند ڪري.
سعودي پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته يمن جي امن لاءِ ڳالهيون ئي واحد حل آهن، يو اي اي جو يمني ڏکڻ عبوري ڪائونسل تي دٻاءُ وجهي ڪارروائين تي راضي ڪرڻ افسوسناڪ آهي، اهو قدم سعودي قومي سلامتي، جمهوريه يمن جي امن ۽ سڄي خطي لاءِ خطرو آهي.
ٻئي پاسي سعودي عرب جي بيان تي گڏيل عرب امارتن طرفان ردعمل سامهون آيو، جنهن ۾ چيو ويو ته سعودي بيان سبب مايوسي ٿي آهي ۽ يمن بابت سمورا الزام رد ڪيا وڃن ٿا.
يو اي اي جو چوڻ آهي ته مڪلا بندرگاهه تي لنگرانداز ٿيندڙ جهازن تي هٿيار موجود نه هئا، بندرگاهه تي پهتل جهاز يمني گروپن لاءِ نه پر اماراتي فورسز لاءِ هئا، يمن ۾ ٿيل تازي اڳڀرائي کي ذميواري سان منهن ڏيڻ گهرجي.
يو اي اي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته يمن جي تازي صورتحال کي وڌيڪ نه بگاڙڻ گهرجي، سعودي اتحادي فورسز جو يمن ۾ حملو حيران ڪندڙ آهي.
هوڏانهن يمن جي صدارتي ڪائونسل (پي ايل سي) جي سربراهه رشاد العليمي گڏيل عرب امارتن (يو اي اي) سان گڏيل دفاعي معاهدو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب رشاد العليمي چيو آهي ته يمن ۾ موجود يو اي اي جون سموريون فورسز 24 ڪلاڪن اندر ملڪ ڇڏي وڃن.
سندس چوڻ هو ته يمن جي سڀني بندرگاهن ۽ زميني توڙي سامونڊي لنگهن تي 72 ڪلاڪن لاءِ مڪمل هوائي، زميني ۽ بحري ناڪابندي ڪئي پئي وڃي.
ميڊيا رپورٽن موجب يمن جي صدارتي ڪائونسل طرفان اهو حڪم اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن سعودي عرب جي قيادت هيٺ قائم فوجي اتحاد يمن ۾ محدود هوائي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران مڪلا بندرگاهه کي نشانو بڻايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.