”شهزادي هيري ۽ ميگهن جا ستارا گردش ۾آهن“، نجوميءَ ڇرڪائيندڙ اڳڪٿي ڪري ڇڏي

خلنڊن (ويب ڊيسڪ) نئين سال جي ويجهو ايندي ئي معمول موجب، اميدن، خدشن ۽ اڳڪٿين جي بازار گرم آهي، جنهن دوران هڪ دلچسپ اڳڪٿي وائرل ٿي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، جديد دور جو نوسٽري ڊيمس سڏائيندڙ نجومي اٿوس سالومي برطانوي شهزادي ۽ سندس گهرواري بابت ڇرڪائيندڙ اڳڪٿي ڪئي آهي.
اڳڪٿي کان اڳ اِهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته پرنس هيري شاهي روايتن کي ٽوڙندي ۽ ملڪ جي ناراضگي باوجود پاڻ کان عمر ۾ وڏي هڪ طلاقيل اداڪارا ميگهن مارڪل سان شادي ڪئي هئي.
ان کانپوءِ شهزادي شاهي اعزازن ۽ شاهي محل کي هميشه لاءِ الوداع چئي زال سان گڏ آمريڪا ۾ هڪ عام ماڻهوءَ جيان زندگي گذارڻ جو دنگ ڪندڙ فيصلو ڪيو هو ۽ اڃا تائين ان تي قائم آهي.
پر هاڻ برازيل سان واسطو رکندڙ نجومي اٿوس سالومي جنهن جون گهڻي ڀاڱي اڳڪٿيون درست ثابت ٿيون آهن ۽ سندس مهارت کي عالمي سطح تي قبوليو ويندو آهي، جوڙي بابت اڳڪٿي ڪئي آهي.
نجومي موجب، برطانوي شهزادي ۽ سندس زال جا ستارا گردش ۾ آهن ۽ 2026ع ۾سندن وچ ۾ عليحدگي جو امڪان آهي، جنهن جا مضبوط اشارا پڻ موجود آهن.
نجومي پنهنجي اڳڪٿي ۾ اهو به ٻڌايو ته عليحدگي پيشيوراڻن لاڳاپن طور ٿيندي، جڏهن ته طلاق سرد مهري سان برقرار رهندي، پر سندن رشتي ۾ ڏار پوڻ جو چٽو امڪان آهي، تنهنڪري هو جوڙي کي هوشيار رهڻ جي صلاح ڏئي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.