ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي، 13 ڄڻا اجل جو شڪار، ڪيئي مرڻينگ

اوساڪا (ويب ڊيسڪ)ميڪسيڪو جي ڏکڻ اولهندي علائقي اوساڪا ۾ ٽرين حادثي ۾ 13 ڄڻا فوت ۽ 98 زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي خبر اداري جي رپورٽ موجب، ٽرين اوساڪا جي ٻهراڙي واري علائقي نزندا ويجهو ٽرن ڪٽيندي پٽڙي تان لهي ويئي.
حادثي وقت ٽرين ۾ 241 مسافر ۽ عملي جا 9 ميمبر سوار هئا، زخمن ۾ پنجن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
امدادي ٽيمن وقتائتي ڪارروائي ڪندي ٻين مسافرن کي ٽرين مان ڪڍي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو.
اوساڪا جي گورنر حادثي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته متاثرن جي مدد لاءِ رياستي ۽ وفاقي ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.
اختيارين طرفان حادثي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.