لاهور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا سهيل آفريدي لاهور جي دوري دوران پنجاب حڪومت جي رويي تي ڪاوڙجي پنجاب جي وزيراعليٰ کي خط لکي ڇڏيو.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز کي لکيل خط ۾ سهيل آفريدي چيو ته منهنجي دوري دوران جيڪي قدم کنيا ويا، اها ڪوتاهي نه پر ڄاڻي واڻي ڪيو ويو، جيڪو ٿيو اها نه انتظامي خامي نه حادثاتي هو، پر آئيني عهدي ۽ بين الصوبائي عزت کي نقصان پهچايو ويو.
سهيل آفريدي چيو ته هي دورو مون چئن ڪروڙ ماڻهن جي نمائندگي طور ڪيو ۽ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو ڪنهن به طرح عوامي نمائندي جي شايان شان نه هو. مارڪيٽن ۽ عوامي هنڌن کي بند ڪري لاھور جي شهرين کي تڪليف پهچائي وئي، موٽر وي ريسٽ ايريا تائين بند رکيو ويو.
سندس چوڻ هو ته سندس دوري بابت بابت سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وئي،سموري معاملي کي منشيات سمگلنگ سان به جوڙيو ويو ۽ اها سڄي سرگرمي پنجاب حڪومت جي نگراني هيٺ ٿي. اهڙي رويي سان سندس شخصيت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ڪنهن به نموني نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، انتظامي طور تي اهڙا حربا استعمال ڪيا ويا جن جو مقصد تذليل ڪرڻ هو.
ڪي پي جي وڏي وزير خط ۾ چيو ته اهڙن طريقن سان رياستي يونٽس ۾ هم آهنگي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ هو خط ذريعي اهڙي رويي تي احتجاج ڪري ٿو، اميد آهي ته مستقبل ۾ اهڙي رويي کان پاسو ڪيو ويندو، خط کي آئيني، قانوني ۽ بين الصوبائي ڪارروائي لاءِ رڪارڊ تي رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.