ليبيا جي آرمي چيف کي لاڏاڻي کانپوءِ فيلڊ مارشل جي اعزاز سان نوازيو ويو

طرابلس (ويب ڊيسڪ) ليبيا ۾ سوڳ جي ڏينهن کانپوءِ آرمي چيف جنرل محمد علي احمد الحداد ۽ 4 ٻين اعليٰ فوجي آفيسرن کي اباڻي شهر مصراته ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته جنرل محمد الحداد کي لاڏاڻي کانپوءِ فيلڊ مارشل جو عهدو عطا ڪيو ويو.
ليبيا جي فوجي سربراهه جنرل محمد الحداد ۽ ٻين فوتي آفيسرن کي ڏکڻ طرابلس جي هڪ فوجي اڏي تي سرڪاري اعزاز سان خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.
ان موقعي تي صدارتي ڪائونسل جي سربراهه محمد المنفي اعلان ڪيو ته سڀني شهيدن کي ايندڙ عهدي تي ترقي ڏني پئي وڃي، جنهن تحت جنرل محمد الحداد کي لاڏاڻي کانپوءِ فيلڊ مارشل جي عهدي سان نوازيو ويو.
واضح رهي ته 24 ڊسمبر تي ليبيا جو آرمي چيف محمد علي احمد الحداد جو جهاز ترڪيه جي شهر انقرا کان روانو ٿيڻ بعد تباهه ٿي ويو هو، جنهن ۾ ان سان گڏ 5 ڄڻا سوار هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.