ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان ۾ هڪ خوفناڪ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ 57 گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون ۽ ٻه ڄڻا فوت، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب روڊ تي برفباري سبب ٻه ٽرڪون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، جنهن کانپوءِ ٻيون گاڏيون به هڪٻئي سان ٽڪرائجڻ لڳيون.
ريسڪيو اختيارين ٻڌايو ته برفباري سبب امدادي ڪمن ۾ به ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.
حادثي ۾ ٻه ڄڻا فوت ۽ 26 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.
You might also like