مهربانو پنهنجي شادي ختم ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا مهربانو نيٺ پنهنجي ازدواجي زندگي بابت گردش ڪندڙ افواهن تي خاموشي ٽوڙيندي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته مان هن وقت شادي شده ناهيان.
مهربانو ۽ شاهه رخ ڪاظم علي جي شادي 2022 ۾ ٿي هئي پر سيپٽمبر 2025 ۾ مهربانو جي انسٽاگرام اڪائونٽ تان سندس مڙس جون سموريون تصويرون اوچتو گم ٿي ويون هيون، ايتري تائين جو شادي جي ڪا تصير به پروفائل تي موجود نه رهي، جنهن تي مداحن اڳڪٿيون شروع ڪري ڇڏيون.
هاڻ اداڪارا پاڻ انسٽاگرام تي هڪ سوالن جوابن جي سيشن دوران وضاحت ڪري ڇڏي.
هڪ مداح کانئس سوال ڪيو ته ڇا توهان شادي شده آهيو؟ جنهن تي مهربانو جواب ڏنو ته نه.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.