سائنسدانن جي وڏي ڪاميابي، ڪينسر جي علاج جو نئون طريقو دريافت

محققن ڪينسر جي علاج لاءِ هڪ نئون ۽ جديد طريقي ڪار تيار ڪري ورتو، جنهن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان رڳو ڪينسر متاثر خلين جو علاج ڪيو ويندو، جڏهن ته صحتمند ٽشوز محفوظ رهندا.
آسٽريليا جي شهر ميلبورن جي آر ايم آءِ ٽي يونيورسٽي جي محققن جي ٽيم موجب انتهائي سنهڙا ڌاتي ذرا، جن کي ”نينو ڊاٽس“ چيو ويندو آهي، انساني جسم ۾ ڪينسر جي خلين جي نشاندهي ڪري انهن کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا، اهو طريقي ڪار ڪينسر جي علاج ٽارگيٽڊ ٿراپي لاءِ نوان دڳ کولي سگهي ٿو.
محققن چيو ته اها تحقيق في الحال شروعاتي مرحلي ۾ آهي ۽ اڃا تائين ان جو تجربو رڳو ليبارٽري ۾ تيار ڪيل خلين تي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جانورن يا انسانن تي تجربا ناهن ٿيا.
تحقيق جا نتيجا ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته اهو طريقو ڪينسر جي خلين جي مخصوص ڪمزورين کي هدف بڻائي هڪ اثرائتو علاج ثابت ٿي سگهي ٿو.
تحقيق جي سربراهه ڊاڪٽر باووي زينگ موجب ڪينسر جون خليون عام صحتمند خلين جي ڀيٽ ۾ اڳ ئي وڌيڪ دٻاءَ ۾ هونديون آهن، نينو ڊاٽس ان دٻاءَ کي وڌائي سگهن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪينسر جون خليون پاڻ کي تباهه ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏين ٿيون.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مستقبل ۾ اهو طريقو ڪامياب ثابت ٿيو ته اها ڪينسر جي علاج ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.