سريلنڪا دوري لاءِ اسڪواڊ جو اعلان، شاداب ۽ نسيم جي واپسي، خواجا نافع به شامل

سريلنڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ قومي ٽيم جو اعلان، شاداب ۽ نسيم جي واپسي، خواجا نافع به شامل
لاهور (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ قوم ٽيم جو اعلان ڪيو ويو، جنهن ۾ شاداب خان ۽ نسيم شاهه جي واپسي ٿي آهي، جڏهن ته خواجا نافع کي پهريون ڀيرو اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
15 رڪني اسڪواڊ جي قيادت سلمان علي آغا ڪندو، ڪلهي جي سرجري کانپوءِ شاداب خان جي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ واپسي ٿي آهي، جڏهن ته حارث رئوف، بابر اعظم ۽ شاهين آفريدي کي شامل ناهي ڪيو ويو.
پاڪستان جي اسڪواڊ ۾ سلمان علي آغا (ڪپتان)، عبدالصمد، ابرار احمد، فهيم اشرف، فخر زمان، خواجا نافع، محمد نواز، سلمان مرزا، وسيم جونيئر، نسيم شاهه، صاحبزادا فرحان، صائم ايوب، شاداب خان، عثمان خان ۽ عثمان طارق شامل آهن.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 7 کان 11 جنوري تائين دمبولا ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.