سلمان خان: اندور جي عبدالرشيد کان بالي ووڊ جي ”ڀائي جان“ تائين

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جا سپر اسٽار عبدالرشيد سليم مشهور جنهن کي دنيا سلمان خان ۽ ” ڀائي جان“ جي نالي سان سڃاڻي ٿي اڄ پنهنجي 60 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي.
سلمان خان 27 ڊسمبر 1965 تي ڀارتي رياست مڌيه پرديش جي شهر اندور ۾ ڄائو، سندس والد اسڪرن رائيٽر سليم خان ۽ ماءُ سُشيلا چرڪ آهي.
سلمان خان جا ٻه ڀائر اداڪار ارباز خان ۽ سهيل خان ۽ ٻه ڀينرون، الوييرا خان ۽ ارپيتا خان آهن.
بالي ووڊ دنگ خان پهنجي شروعاتي تعليم ممبئي ۾ حاصل ڪئي.
سلمان خان پنهنجو ڪيريئر ماڊل طور شروع ڪيو ۽ ڪيئي مشهور برانڊز لاءِ ماڊل طور ڪم ڪيو، جن ۾ ”لميڪا“ ۽ ”لکاني“ شامل آهن، هن 1988 ۾ فلم ”فلڪ“ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور بالي ووڊ انڊسٽريءَ ۾ قدم رکيو.
سلمان خان اداڪار طور بالي ووڊ ڊيبيو فلم ”بيوي هو تو ايسي“ ذريعي ڪيو، پر کيس اصل ڪاميابي 1989 ۾ رليز ٿيل فلم ”ميني پيار ڪيا“ کان ملي، جيڪا سال جي سپر هٽ فلم ثابت ٿي.
1990 ۾”باغي“ ۽ پوءِ بلاڪ بسٽر فلم ”ساجن“ کيس شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو، ان فلم سنجي دت ماڌوريءَ ڊڪشت مُک ڪردار اد اڪيو هو.
نوي جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ سلمان خان ”صنم بيوفا، ساجن، قربان، پٿر ڪي ڦول، سوريا ونشي، جاگروتي، ايڪ لڙڪا ايڪ لڙڪي، دل تيرا عاشق، لو ۽ 1994 ۾ هم آپ ڪي هين ڪون 1995 ۾ ڪرن ارجن، انداز اپنا اپنا، ويرگتي، خاموشي، جيت، جڙوان، پيا ڪيا تو ڊرنا ڪيا، هم دل دي چڪي صنم شامل آهن.
نئين صديءَ جي شروعاتي ڏهاڪي ۾ سلمان خان جي اهم فلمون ۾ هم تمهاري هين صنم، تيري نام، چل ميري ڀائي، باغبان، ڦر ملين گي، مجهه سي شادي ڪروگي، نو انٽري، پارٽنر، سلامِ عشق، يووراج ۽ وانٽڊ رليز ٿيون.
ٻه هزار ڏهه واري ڏهاڪي ۾سلمان خان ڊبنگ سيريز، ايڪ ٿا ٽائيگر، سلطان، ٽائيگر زنده هي، ڪڪ، باڊي گارڊ، بجرنگي ڀائي جان، جئه هو هو جهڙين فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا .
سلمان خان جو ڳاڻيٽو اهڙن اداڪارن ۾ ٿئي ٿو جيڪي لائم لائيٽ واري دنيا ۾ پنهنجي صلاحيتن آڌار ڪاميابيءَ جا جهنڊا کوڙيا،ان کانسواءِ هڪ مهربان انسان پڻ آهي، ڀارت سميت دنيا جي مختلف مُلڪن ۾ مسحقن جي مدد لاءِ سندس ادارو ” بيئنگ هيومن“ ڏينهن رات سرگرم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.