ناديا خان کي پٽ سان گڏ ڀارتي گيت ” سينوريٽا“ تي جهمر ڳچيءَ ۾ پئجي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا ۽ ٽي وي ميزبان ناديا خان کي پنهنجي پٽ سان گڏ ڀارتي گيت تي رقص ڳچيءَ ۾ پئجي ويو.
ناديا خان ويجهڙ ۾ پنهنجي فيملي سان گڏ هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جنهن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.
وائرل وڊيوز ۾ اداڪارا نيري رنگ جي وڳي ۾ نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته سندس پٽ کي ڪارو لباس پهريل آهي.
ناديا خان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي به هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هوءَ ڀارتي فلم ” زندگي نه مليگي دوبارا“ جي گيت ” سينوريٽا“ تي پٽ سان ڊانس ڪري رهي آهي.
وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان ناديا خان تي ڇتي تنقيد ڪئي پيو وڃي.
واضح رهي ته تازو ئي ناديا خان گلوڪار طلحه انجم تي ڀارتي جهنڊو لهرائڻ تي سخت تنقيد ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ نه رڳو شوبز انڊسٽري پر سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان به اداڪارا ست سريون ٻڌايون هيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.