بي بي ايل: برسبين هيٽ، ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز کي سخت مقابلي کانپوءِ 7 رنسن تان هارائي ڇڏيو

برسبين (ويب ڊيسڪ) بِگ بيش ليگ جي 13 هين ميچ ۾ شاهين آفريدي جي برسبين هيٽ، حسن علي جي ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز کي سخت مقابلي کانپوءِ ستن رنسن جي فرق سان شڪست ڏئي ڇڏي.
برسبين ۾ کيڏيل ميچ ۾ ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
برسبين پهرين کيڏندي مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 179 رنسون ٺاهيون، ميڪس برائنٽ 63 ۽ ميٽ رنشا 33 رنسون ٺاهيون.
ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز جي ميٿيو شارٽ، حسن علي ۽ ليوڪ ووڊ 2،2 وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز جي ٽيم آخري اوور ۾ 172 رنس تي آئوٽ ٿي وئي ۽ ستن رنسن جي فرق سان ميچ هارائي وئي، ميٿيو شارٽ بالنگ کانپوءِ بيٽنگ ۾ به 63 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته جيرسس واڊيا 34 رنسون ٺاهڻ باوجود پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي نه ڏياري سگهيو.
برسبين هيٽ جي زاويئر بريٽلٽ 3، جيڪ ويلڊرمٿ ۽ ٿامس بلڪن 2،2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
ميچ دوران شاهين آفريدي پير ۾ تڪليف سبب پنهنجي ڪوٽا جا اوورز مڪمل ڪرڻ کانسواءِ ميدان کان ٻاهر هليو ويو.
برسبين هيٽ جي زاويئر بريٽلٽ کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.