2025 ڀارت جي عالمي سطح تي ناڪامين ۽ شرمساري جو سال قرار، رپورٽ جاري

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اخبار ” دي هندو“2025 کي ڀارتي پرڏيهي پاليسي جي ناڪامين ۽ شرمساري جو سال قرار ڏئي ڇڏيو.
دي هندو موجب، 2025 ۾ ملڪي پرڏيهي پاليسي کي اميدن تي پورو نه لهڻ تي وعدن جي وکرڻ جو سال قرار ڏنو، علامتي سفارتڪاري، ذاتي لاڳاپا ۽ بيانئي سازي، حقيقي معاشي، عسڪري ۽ سفارتي طاقت جو نعم البدل ثابت نه ٿي سگهي.
اخبار موجب، ڀارت نه رڳو پاڻ سان، پر ڀائيوارن به اهڙا وعدا ڪيا جن تي عملدرآمد لاءِ ان وٽ اثر رسوخ ۽ قوت موجود نه هئي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2025 ڀارت لاءِ هلندڙ صديءَ جو سڀ کان ڏکيو سال ثابت ٿيو، جنهن ۾ 25 سيڪڙو ٽيرف، روسي تيل تي واڌو پابنديون ۽ H-1B ويزا تي بندش جو منهن ڏسڻو پيو، 2017 جي ڀيٽ ۾ 2025 جي آمريڪي نيشنل سيڪيورٽي اسٽرٽيجِي ۾ ڀارت کي محدود ڪردار تائين محدود ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب، چين ۽ روس جي حوالي سان سمورين اعليٰ سطحي ملاقاتن باوجود لائن آف ايڪچوئل ڪنٽرول تي جوڳي سيڪيورٽي اڳڀرائي نه ٿي سگهي، آمريڪي دٻاءَ سبب ڀارت کي روسي تيل واري معاملي تي پنهنجي موقف تان پوئتي هٽڻو پيو.
دي هندو پهلگام فالس فليگ آپريشن کي سنگين سيڪيورٽي ناڪامي قرار ڏنو، پهلگام حملن کانپوءِ ڀارتي عسڪري ڪارروائين کي سفارتي سطح تي عالمي حمايت نه ملڻ جو اعتراف پڻ ڪيو ويو.
اخبار لکيو آهي ته ڀارتي ڪارروائين کانپوءِ جهازن جي نقصان تي خاموشي ڀارت جي ساک کي نقصان رسايو، جڏهن ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل دفاعي معاهدي جو اعلان ڀارت لاءِ هڪ واڌو ڌچڪو هو.
ڀارتي تجزيي نگار هاڻي پاڪستان جي قيادت کي ”سخت گير ۽ منظم صلاحيت رکندڙ“ مڃڻ لڳا آهن، ڀارت ۽ بنگلاديش جا لاڳاپا هاڻي تائين جي سڀ کان ڇڪتاڻ واري سطح تي پهچي چڪا آهن.
اخبار ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڀارت جو ٻين کي الزام ڏيڻ، اصلاح ۽ حقيقت پسنداڻي پاليسي سازي جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.