عامر خان گرل فرينڊ گوريءَ سان گڏ نئين سال جو جشن ملهائڻ لاءِ موڪلن تي هليو ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان پنهنجي گرل فرينڊ گوري اسپرٽ سان نئين سال جون خوشيون ملهائڻ لاءِ موڪلن تي روانو ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، عامر خان کي ممبئي هوائي اڏي تي گوري اسپرٽ سان گڏ ڏٺو ويو، جتان کان هو نئين سال جون موڪلون ملهائڻ لاءِ روانا ٿيو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ان سفر ۾ عامر خان سان گڏ سندس ماءُ، ڀيڻ، ڀاڻيجون ۽ اداڪار عمران خان به شامل آهي، جڏهن ته گوري اسپرٽ پڻ پنهنجي ڇهن سالن جي پٽ سان گڏ فيملي ٽرپ جو حصو آهي.
واضح رهي ته عمران خان ڊگهي وقفي کانپوءِ فلمي دنيا ۾ واپسي لاءِ تيار آهي ۽ هو 2026 ۾ رليز ٿيندڙ فلم ”هيپي پٽيل: خطرناڪ جاسوس“ ۾ نظر ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.