سهيل آفريدي پاڪستان جو يورپ ڏسڻ لاهور آيو آهي: عظميٰ بخاري

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي سڌ سماءُ واري عظميٰ بخاري چيو آهي ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير سهيل آفريدي پاڪستان جو “يورپ ڏسڻ” لاهور آيو آهي.
عظميٰ بخاري چيو ته ڪي پي جي وڏي وزير کي لاهور اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، گذريل ڀيرو جڏهن علي امين گنڊاپور لاهور آيو هو، ته هن کي لاهور جون بتيون ڏيکاريون ويون، هن بتيون ڏٺيون، ماني کاڌي ۽ تصويرون ڪڍيون.
هن چيو ته سهيل آفريدي جيڪو ڪجهه پنجاب ۾ ڏسي ان کي ڪي پي ۾ لاڳو ڪري، کيس سندس ڪابينا ٻڌايو آهي ته پشاور ڏاڍو گندو آهي، پر هاڻي هو پاڪستان جو يورپ ڏسڻ لاهور آيو آهي. هو سياسي يا معلوماتي تفريح ڪري سگهي ٿو کيس مڪمل اجازت هوندي.
عظميٰ بخاري چيو ته سهيل آفريدي کي بدزباني، وڳوڙ ۽ ڏڦيڙ جي اجازت نه ڏينداسين، ۽ پنجاب يا لاهور ۾ ڪنهن سياسي سرگرمي جي آڙ ۾ هٿيار يا منشيات آڻڻ جي اجازت نه هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.