ڊاڪٽرن لاءِ وڏي خبر اچي وئي

ڪوئٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت ڊاڪٽرن بابت اهم فيصلو ڪندي صحت کاتي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، صوبي ۾ مقرر سڀني ڪانٽريڪٽ ۽ ايڊهاڪ ڊاڪٽرن جون مقرريون ختم ڪيون وينديون ۽ انهن جي جاءِ تي ريگيولر آفيسرن جون مقرريون ڪيون وينديون.
پڌرائي ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته اسسٽنٽ پروفيسر، سينيئر رجسٽرار ۽ اسپيشلسٽس جون ڪانٽريڪٽ نوڪريون ختم ٿي وينديون، ۽ ريگيولر آفيسرن جي مقرري کانپوءِ ڪانٽريڪٽ ملازمن جي سروس به ختم ٿي ويندي.
صحت کاتي موجب متاثر ڪانٽريڪٽ ملازمن جي ايڊجسٽمينٽ تي همدرداڻو غور ڪيو ويندو.

You might also like