لنڊن (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور فٽبالر ليونل ميسي کي ايڪهين صديءَ جو بهترين ايٿليٽ قرار ڏنو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري مطابق، عالمي درجابندي ۾ ارجنٽينا جو فٽبالر اسٽار ليونل ميسي سمورين راندين جي ناليوارن ستارن کي پوئتي ڇڏيندي پهرين پوزيشن ماڻي ورتي.
اِها فهرست ايڪهين صدي جي شروعاتي پنجويهه ورهيه مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ مختلف راندين سان واسطو رکندڙ 25 عظيم رانديگر شامل ڪيا ويا آهن.
ميسي کانپوءِ ان فهرست ۾ ٻيو نمبر آمريڪي ليجنڊ فٽبالر ٽام بريڊي جو آهي جڏهن ته اولمپڪس جي تاريخ جي سڀ کان ڪامياب ايٿليٽ آمريڪي تارو مائڪيل فليپس ٽئين نمبر تي رهيو.
رپورٽ مطابق، عظيم ٽينس پليئر سرينا وليمز چوٿين، تيز ترين انسان يوسين بولٽ پنجين ۽ باسڪٽ بال سپر اسٽار ليبرون جيمز ڇهين نمبر تي رهيو.
فٽبال اسٽار ڪرسٽيانو رونالڊو ان فهرست ۾ ڏهين پوزيشن ماڻي، ان کانپوءِ نوواڪ جوڪووچ، سيمون بائلز ۽ مرحوم ڪوبي برائنٽ جو نمبر آهي.
فهرست ۾ ٻيا عظيم ايٿليٽ به شامل آهن، جن ۾ ٽائيگر ووڊز، راجر فيڊرر، رافيل نڊال، اسٽيفن ڪري، ليوس هيملٽن، مائيڪل شوماخر، شوهي اوهتاني ۽ مارٽا شامل آهن.
واضح رهي ته ميسي هن وقت آمريڪي ڪلب انٽر ميامي ۽ ارجنٽينا جي قومي ٽيم جو ڪپتان آهي، هن 2022ع ۾ قطر ۾ ٿيل فٽبال عالمي ڪپ کٽي پنهنجي ڪيريئر جو سڀ کان وڏو خواب پورو ڪيو.