لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي راڄڌاني لاهور سميت صوبي ۾ خشڪ موسم جاري آهي، جڏهن ته مينهن وسائيندڙ سسٽم اڄ رات پاڪستان ۾ داخل ٿيندو.
موسميات موجب، مري، گليات ۽ اترين علائقن ۾ برسات سان گڏ برفباري جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته لاهور سميت صوبي جي مختلف ضلعن ۾ ڪڪر بنا وسڻ جي گذري ويندا، جڏهن ته صبح ۽ رات جي وقت سخت ڪوهيڙو هوندو.
لاهور ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 8.5 ڊگري ۽ وڌ ۾ وڌ 21 ڊگري تائين وڃڻ جو امڪان آهي.
Prev Post
You might also like