” وڃي ڌوڙ پاءِ “، هاردڪ پانڊيا مداحن کي چيڙائي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار آل رائونڊر هارڊڪ پانڊيا ان وقت مداحن جي ٺٺول جو نشانو بڻجي ويو جڏهن هن سيلفي نه ڪڍرائڻ جو فيصلو ڪيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، گذريل ڏينهن ڪرسمس تقريب ۾ شرڪت کانپوءِ هارڊڪ پانڊيا پنهنجي گرل فرينڊ ماهيڪا شرما سان گڏ هڪ ريسٽورنٽ مان نڪري رهيو هو، جنهن دوران مداحن کيس گهيري ورتو.
پهريان آل رائونڊر ماهيڪا کي گاڏيءَ ۾ ويهاريو ۽ پوءِ مداحن سان گڏ تصويرون ڪڍرايون.
ان دوران هڪ مداح سيلفي لاءِ هارڊڪ پانڊيا کي بار بار سڏيندو رهيو، جنهن تي ڪرڪيٽر چيو ته ”تصويرون ڪڍيون ته اٿئي، اڃا ڪيتريون ڪڍندي؟“
ان کانپوءِ هارڊڪ پانڊيا واپس وڃڻ لاءِ مُڙيو، جنهن تي هڪ مداح کيس چيو ته ”وڃي ڌوڙ پاءِ“، پر آل رائونڊر ڪنهن به ردعمل کانسواءِ اتان هليو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.