سنڌي پاڻ گڏهن کي اجرڪ جا پٽا پارائيندا آهن: حافظ نعيم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اجرڪ ڪنهن هڪ سنڌي يا مهاجر جي ملڪيت ناهي، سنڌي پاڻ ڳوٺن ۾ گوءِ دوران گڏهن کي به اجرڪ جا پٽا پارائيندا آهن.
هن چيو ته اجرڪ جي اصل توهين اهي ماڻهو ڪندا آهن، جيڪي ڪلچر ڊي تي اجرڪ جي چپل ۽ جورابا پائيندا آهن.
حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ هو ته سنڌ هن وقت بدامني جي وڪڙ ۾ آهي، ڪچي ۽ پڪي جا ڌاڙيل گڏجي سنڌ کي برباد ڪري رهيا آهن، عام ماڻهو عدم تحفظ جو شڪار آهي.
هن الزام هنيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن جي سرپرستي اسٽيبلشمينٽ ڪري رهي آهي، جنهن سبب صوبو ترقي بدران تباهي طرف وڃي رهيو آهي.
جماعت اسلامي جي امير چيو ته عوام کي هاڻي حڪومت مان جان آجي ڪرائڻي پوندي، جيڪڏهن عوام نه نڪتو ته پوءِ ڪجهه به نه بچندو.
هن سوال اٿاريو ته قومي ادارن بدران حڪومت جي نجڪاري ڇو نه ڪئي وڃي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.