سون وري مهانگو، تولو ڪٿي پهتو ؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ في تولي سون جي اگهه ۾ اڄ به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون پنج سئو رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 4 لک 73 هزار 362 رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 429 رپيا واڌ بعد 4 لک 5 هزار 831 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 5 ڊالر اضافي سان 4510 ڊالرز آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.