ڀارت ۾ ڪرسمس تهوار تي انتهاپسند آپي مان نڪري ويا، عيسائي برادري تي حملا

سڄي دنيا ۾ ڪرسمس جون تقريبون جاري آهن پر ڀارت ۾ هندو انتهاپسندن طرفان ان تهوار تي عيسائي برادري تي حملا ڪيا آهن.
ڀارت ۾ ڪرسمس جي موقعي تي هندو انتهاپسند آپي مان نڪري ويا ۽ مختلف علائقن ۾ گرجا گهرن تي حملا ڪيا ۽ ڪرسمس جون خوشيون ملهائيندڙ عيسائي برادري جي ماڻهن کي تشدد جو نشانو پڻ بڻايو.
پرڏيهي ميڊيا موجب سڄي ڀارت مان ڪرسمس تقريبن دوران حملن، ڀڃ ڊاهه ۽ ڌمڪين جا ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿيا آهن.
نئين دهلي ۾ بجرنگ دل جي ڪارڪنن سانتا ڪلاز جون ٽوپيون پهريل عورتن ۽ ٻارن کي سرعام هراسان ڪيو ۽ کين غير هندو ثقافت قرار ڏئي گهرن تائين محدود رهڻ جي ڌمڪي ڏني.
ڇتيس ڳڙهه رياست جي شهر رائي پور ۾ ڪيل سجاوٽ جي ڀڃ ڊاهه جي وڊيو سامهون آئي آهي، آسام ۾ انتهاپسندن ڪرسمس سجاوٽ کي باهه ڏئي ڇڏي.
مڌيا پرديش ۾ گرجا گهر ۾ ڀڃ داهه ۽ نعريبازي ڪئي وئي، اتر پرديش ۾ گرجا گهر ٻاهران مذهبي گيت ڳائي عيسائي برادري کي هراسان ڪيو ويو.
اتر پرديش حڪومت اسڪولن ۾ ڪرسمس جي موڪل به ختم ڪري ڇڏي، جنهن تي عيسائي برادري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.